شاهه احمد نوراني

شاهه احمد نوراني

شاهه احمد نوراني

شاهه احمد نوراني: مولانا شاهه احمد نوراني، پهرين اپريل 1928ع تي شائخان ميرٺ (انڊيا) ۾ جنم ورتو. سندس نسب جو سلسلو حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. هن اٺن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو. عربيڪ ڪاليج ميرٺ مان گرئجوئيشن، الهه آباد يونيورسٽيءَ مان فاضل عربي ۽ مدرسه اسلاميه ميرٺ مان درس نظاميءَ جي تڪميل ۽ تحصيل ڪيائين. 1947ع ۾ والد سان گڏ ڪراچيءَ ۾ بوهري بازار صدر لڳ ڪڇي ميمڻ مسجد ۾ اچي رهيو. قادري سلسلي ۾ پنهنجي والد بزرگ وٽان دست بيعت ٿيو ۽ خلافت حاصل ڪيائين. روزگار جي حوالي سان پٿرن جو واپار ڪندو هو ۽ وڏو جوهر شناس هو. جمعيت علماءَ پاڪستان جو صدر ۽ ورلڊ اسلامڪ مشن جو چيئرمئن به رهيو. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ هو ڪراچيءَ مان ايم اين اي به ٿيو هو. تحريڪ نظام مصطفيٰ جي سلسلي ۾ جيل ۾ به رهيو. سندس جيل ڊائري، ‘جيل جا ڏينهن ۽ راتيون’ ڇپيل آهي. سڄي دنيا ۾ عشق رسولؐ ۽ اسلام جو پيغام پهچائيندو رهيو. ڪرنل قذافي، صدام حسين، شاهه فيصل ۽ ٻين مسلم حڪمرانن سان سندس دوستانا ناتا هئا. قومي اسيمبلي جي ميمبر رهڻ کان سواءِ سينيٽ جو ميمبر به رهيو.
علامه شاهه احمد نوراني 11 ڊسمبر 2003ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاهه غازيءَ جي روضي لڳ پنهنجي والده جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ شاهه احمد نورانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.04.01  عيسوي

مولانا شاهه احمد نوراني، پهرين اپريل 1928ع تي شائخان ميرٺ (انڊيا) ۾ جنم ورتو.


2003.12.11  عيسوي

علامه شاهه احمد نوراني 11 ڊسمبر 2003ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ عبدالله شاهه غازيءَ جي روضي لڳ پنهنجي والده جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جڊيجا اجئه
خان محمد بروهي 1
شاهاڻي بخشل
بيبي بتول
تاجل بيوس
چاڳلي (مائي چاڳلي)
آغا ابراهيم شاهه
پير بي واسطو
بهو بيگم عرف صاحب دولت
ڄام ڪرن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون